خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي

خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي

خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي

خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي: مشھور ليکڪ ۽ محقق خير محمد ولد حبيب الله ٻرڙي، 29 اپريل 1949ع تي سيوهڻ لڳ ڳوٺ ڪاڇي واهڻ، ضلعي ڄامشوري ۾ جنم ورتو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم اباڻي ڳوٺ ڪاڇي واهڻ ۽ سيوهڻ مان حاصل ڪئي. ان بعد دادو ڪاليج مان بي. اي (1976ع)، ايم. اي (معاشيات ۽ سماجيات) ۽ بي. ايڊ (B. Ed) جون ڊگريون حاصل ڪيون. هن پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات 1971ع ۾ استاد طور ڪئي. 1985ع ۾ سنڌ ايرڊ زون ڊولپمينٽ اٿارٽي (سازدا) ۾ پلاننگ آفيسر مقرر ٿيو. نوڪريءَ دؤران ترقي ڪندي دادو، سانگھڙ ۽ نوشھري فيروز ۾ ڊسٽرڪٽ آفيسر جي عھدي تائين پھتو. لکڻ جي شروعات 1975ع کان اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون لکڻ سان ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا’ (2005ع)، ‘اسماء الحسنى’ (2011ع)، ‘سيوهڻ صدين کان’ (تحقيق)، ‘سنڌو نديءَ جو مختصر احوال’ (تحقيق: 2015ع)، ‘اسماء المصطفيٰ’ (2015ع)، ‘حيات لال شھباز قلندر مع شاعري’ (اردو ترجمو: 2013ع) ۽ ‘پھاڪن جي انسائيڪلوپيڊيا’ (ٻه ڀاڱا: 2022ع ۽ 2023ع) شامل آهن. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن سيوهڻ جو مالياتي سيڪريٽري ۽ نائب صدر رهي چڪو آهي. اپريل 2009ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ ڪجهه عرصو ضلعي نوشھري فيروز ۾ ڊولپمينٽ ڪنسلٽنٽ طور به ڪم ڪيو.


لفظ خير محمد ٻرڙو سيوهاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

29.04.1949  عيسوي

مشھور ليکڪ ۽ محقق خير محمد ولد حبيب الله ٻرڙي، 29 اپريل 1949ع تي سيوهڻ لڳ ڳوٺ ڪاڇي واهڻ، ضلعي ڄامشوري ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

لڇمڻ خوبچنداڻي
بهاري لعل ڇاٻڙيا
زيب سنڌي
روشن سندر چانڊيو
قدير شيخ
قابل ڏاهري
چنا راهي
شهيد سومرو
اي جي اتم
شاهه بليغ الدين
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون